Maktaba Wahhabi

677 - 924
مولانا محمد حنيف ندوي رحه جن جواداره ثقافت اسلاميه لاهور (قيام 1950ع) ۾ بطور ملازمت سندس تقرر عمل ۾ آيو. ته جمعيت اهل حديٽ جي طرفان هفت روزه الاعتصام جي تمام تر ذمه داري مولانا محمد اسحاق ڀٽي جي ڪلهن تي رکي وئي . 14 ڊسمبر 1952ع تي مرڪزي جعميت اهل حديث مغربي پاڪستان جي طرفان فيصلو ڪيو ويو ته جمعيت ۽ الاعتصام جا دفتر وري گوجرانولا کان لاهور منتقل ڪيا ويا ۽ ان تي فوري عمل ڪيو ويو. ۽ جڏهن جمعيت ۽ الاعتصام جا دفتر لاهور منتقل ڪيا ويا. ته انهيءَ عرصه دوران موصوف الاعتصام لاءِ وڏي محنت ڪئي ان جا ڪئي تاريخي ،وقيع ۽ اهم نمبر به شايع ڪيا . جن مان “حجيت حديث نمبر” (فيبروري 1956ع )۽ “1857ع نمبر” (مئي 1957ع ) ۾قابل ذڪر آهن . هي نمبر تحريڪ آزادي متعلق اهم تحقيقي ۽ معلوماتي مواد کان علاوه برصغير جي سياسي تاريخ تي اهم دستاويز به آهي. ان کان علاوه پاڻ بيشمار عيد نمبر ۽ آئين نمبر وغيره جي اشاعت جو به اهتمام ڪيائين. پاڻ 1958ع ۾ رساله الاعتصام جي ادارت تان عليحدگي اختيار ڪيائون.الاعتصام جي ادارت تان عليحدگي کانپوءِ ۽ مولانا اسحاق ڀٽي صاحب جن پنهنجن چند مخلص ۽ هم خيال دوستن جي مشوري ۽ تعاون سان لاهور مان “ منهاج” نالي هڪ ٽي روزه اخبار جاري ڪيائون . ان اخبار جو دفتر به شيش محل روڊ تي واقع هو. اهو اخبار چوڏهن مهينه کن جاري رهيو اهو هڪ معياري اخبار هو . جنهن ۾ نهايت هي ئي علمي، تحقيقي ۽ جاندار مضامين شايع ٿيندا هئا. جنهن ۾ موقع مناسبت سان حالات حاضره ۽ سياسي حالات تي تمام بهترين تبصرا ۽ انهن تي سهڻي نموني سان روشني وڌي ويندي هئي. ان اخبار جي علمي حلقن ۽ خصوصا جماعت اهل حديث وٽ وڏي پذيرائي ۽ مقبوليت هئي. بالآخر ڪن ناگيزير حالات ۽ مالي مشڪلاتن سبب اها اخبار اپريل 1959ع ۾ بند ٿي وئي. 87-1988ع ۾ هفت روزه اهل حديث لاهور جي به پاڻ 11 ميهنا ان جي ادارت سنڀاليائون . ان کان علاوه مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن وقت جي ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ به مضمون نويسي ۽ ڪالم نگاري ڪندا رهندا هئا. مثلاً امروز لاهور، روزنامو پاڪستان لاهور ان کان علاوه مشهور صحافي ۽ تجزيه نگار جناب مجيب الرحمٰن شامي جي ماهنامه “ قومي ڊائجسٽ” ۾ هڪ عرصي تائين ان ۾ مختلف شخصيتن تي سوانح ۽ خاڪ نگاري جو سلسلو جاري رکيائون . ان کان علاوه جولاءِ 1965ع ۾ مولانا محمد اسحاق ڀٽي
Flag Counter