Maktaba Wahhabi

680 - 924
انهن لکيل يادگار خطوط جو تعداد 13 جي قريب آهي اهي خطوط منهنجي لاءِ زندگيءَ جو وڏو سرمايو آهن. سال 2006ع جي سياري جي موسم ۾ پنجاب وڃڻ ٿيو ته پنهنجي سوٽ جناب خالد سيف لغاري ملڪاڻي صاحب جيڪي انهن ڏينهن ۾ لاهور ۾ رهندا هئا ۽ لاهور مان سنڌي ۾ هڪ ميگزين “باب الاسلام” نالي ڪڍندو هو. لاهور جي تاريخ ۾ اهو پهريون رسالو هو جيڪو سنڌي ۾ شايع ٿيندو رهيو هو. جنهن سان گڏجي مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب سان ملڻ لاءِ سندس گهر لاهور جي مشهور علائقي سانده وياسون. منهنجي ڀٽي صاحب سان اها پهرين ملاقات هئي . ان کان پوءِ جڏهن به لاهور (پنجاب) وڃڻ ٿيندو هو ته مولانا ڀٽي صاحب وٽ حاضري ۽ ملاقات ٿيندي هئي. آخري ملاقات آڪٽوبر 2013ع ۾ جڏهن اسلام آباد کان واپسي لاهور آيس ته ٿي هئي. ان کان پوءِ مولانا ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿي نه سگهي آهي ۽ نه وري اسان پآڻ ۾ هڪ ٻئي کي خط وغيره لکيوسين. هان دوستن احبابن ذريعه هڪٻئي جي حال احوال کان آگاهي وٺندا رهندا هئاسون. نومبر 2015ع ۾ حافظ آباد گوجرانواله مان هڪ دوست(جناب سيف الله مغل صاحب) راقم وٽ ڳوٺ ملڪاڻي آيوهو. اهو جڏهن واپس پنجاب ويو ته ان لاهور وڃي مولانا محمد اسحق ڀٽي صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ منهنجو ذڪر ڪيائين. ڀٽي صاحب ڏاڍو خوش ٿيو۽راقم کي گهڻو ياد ڪائين .ان کان منهنجي باري ۾ احوال ورتائين ۽ خيريت معلوم ڪيائين . مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن سيف الله مغل صاحب کي چيائين ته محمد خان محمدي صاحب سان منهنجي پراڻي نيازمندي آهي. ڪافي ڏينهن ٿيا آهن جوان جو ڪوبه احوال ۽ خط وغيره نه مليو آهي. مــون سـي ڏٺـا مـاءِ ، جــنيـن ڏٺـو پـريـنءَ کـي تـنيـن ســندي ڪـا ، ڪـري نه سـگـهان ڳالــهڙي. شخصيت ۽ تعارف : مولانا محمد اسحاق ڀٽي مرحوم جن جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. ڀٽي صاحب جن جهڙي درويش، صابر، شاڪر، قانع ۽ محنتي شخصيت مون پنهنجي حياتي ۾ ٻي ڪا شخصيت نه ڏٺي اٿم. مناسبت قد بت، سرخ و سفيد ڪڻڪ هاڻون رنگ ، ڀريل ويڪرو ۽ خوبصورت چهرو ، منهن ۾ نوزايت جا جلوا ، سفيد ۽ اعتدال جي حد ۾ سندس ڏاڙهي ، ڪشادي ۽
Flag Counter