Maktaba Wahhabi

676 - 924
جماعت اهل حديث جي نوجوانن جي تنظيم “جمعيت طلباء اهل حديث ” جو قيام عمل ۾ آيو ته ان سلسلي ۾ مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن پنهنجن بعض رفقاء مولانا محمد يحيٰ عزيز مير محمدي رحه (متوفي 2008ع) مولانا خليل اثري رحه(متوفي 2008ع) ۽ مولانا ابوبکر صديق (موجوده سرپرست اعليٰ هفت روزه الاعتصام لاهور) سان گڏجي پنجاب جي بعض علائقن جو طوفاني دور ڪيائون ۽ جماعت اهل حديث جي نوجوان کي جماعتي سرگرمين ۾ متحرڪ و فعال ڪيائون ۽ انهن جي تنظيم سازي ڪيائون. ميدان صحافت ۾: مولانا محمد اسحاق صاحب جن مرڪزي جمعيت جا ناظم دفتر جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪندا رهيا . ڪجهه عرصه کان پوءِ 19 آگسٽ 1949ع تي جماعت جو مشهور علمي و تحقيقي ۽ مسلڪ اهل حديث جو داعي و ترجمان هفت روزه اخبار “الاعتصام” گجرانوالا مان ان جو اجرا عمل ۾ آيو . ڪجهه عرصه بعد مولانا محمد اسحاق ڀٽي کي ان جو معاون مريد مقرر ڪيو ويو ۽ کيس لاهور کان گوجرانواله موڪليو ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ مرڪزي جمعيت جو دفتر به عارضي طور گوجرانواله منتقل ڪيو ويو هو. ڀٽي صاحب هڪ جڳهه تي لکي ٿو ته “اخبار ۽ جمعيت جو دفتر هڪ ئي جڳهه ۾ هئا. ۽ ٻنهي ۾ آئون اڪيلو ئي ڪم ڪندو هئس. نه ڪو چپڙاسي مقرر هو. نه ٻهاري ڪڍڻ وارو ، نه ڪلارڪ وغيره، ڏينهن رات آئون اڪيلو ڪم ۾ مصروف رهندو هئس . اخبار لاهور مان ڇپندو هو. اخبار شايع ڪرائڻ لاءِ هر هفتي گوجرانوالا کان لاهور ايندو هئس. اخبار لاٰءِ مضمون ۽ اداراتي شذرات به لکندو هئس .آئون اخبار جا ڪم ڪار انتهائي شوق ۽ لگن سان ڪندو هئس. مون کي ڪم جي لگن ۽ ان کي سکڻ جو شوق حد کان وڌيڪ هو. ظاهر آهي ته اهي ڪم محنت ۽ شوق کان سواءِ سکي نٿا سگهجن . تنهنڪري محنت ۽ شوق ٻئي ضروري هئا. جن تي هي فقير عمل پيرا هو. (ميان فضل حق اور ان کي خدمات ص 163) . ان کان علاوه هڪ جڳه تي پاڻ لکن ٿا ته “ اهو منهنجي زندگيءَ جو نئون دور ۽ نئون تجربو هو. مون کي لکڻ ۽ پڙهڻ سان خاص دلچسپي ۽ جنون جي حد تائين شوق هو. ۽ پوءِ اها دلچسپي جلدي ئي منهنجو پيشو ٿي وئي. (گذر گئي گذران ص 205) 15 مئي 1951ع تي
Flag Counter