Maktaba Wahhabi

685 - 924
اجتماع ۾ جي صورت ۾ سندس دوست ۽ رفيق ڊاڪٽر حماد لکوي صاحب جن نماز جنازه پڙهائي . ان کان پوءِ ٻي نماز جنازه سندس آبائي ڳوٺ چڪ نمبر 453 منصور پور ڊيسيان نزد جڙانوالا ضلع فيصل آباد ۾ مولانا مسعود عالم جن پڙهائي ۽ کيس آبائي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اللهم اغفرلہ وارحمہ وادخلہ الجنت الفردوس. آمين نوٽ: محترم جناب حميد الله خان عزيز صاحب جن احمد پور شرقيه ضلع بهاولپور پنجاب مان ڪافي سالن کان هڪ ديني،علمي ۽ ادبي رسالو“ تفهيم الاسلام” نالي شايع ڪري رهياآهن. اپريل 2002ع ۾ ان جو اجرا عمل ۾ آندائين. هيستائين هن رسالي جا 108 شمارا نڪري چڪا آهن. مولانا محمد اسحاق ڀٽي مرحوم سان جناب حميد الله عزيز خان جي دلي محبت ۽ عقيدت هئي. ۽ کيس نياز مندي به حاصل هئي. انهيءَ عقيدت ۽ محبت جي ڪري خان صاحب جن مولانا اسحاق ڀٽي صاحب جن جي وفات جي موقعي تي تفهيم الاسلام رسالي جو هڪ ضخيم نمبر شايع ڪرڻ لاءِ دوستن احبابن ۽ خاص ڀٽي صاحب سان عقيدت ۽ محبت رکندڙ عالمن،اسڪالرن،مضمون نگارن ۽ دوستن سان رابطو ڪيائين.هن سلسلي ۾راقم سان به رابطو ڪيائين. ۽ مولانا محمد اسحاق ڀٽي مرحوم متعلق مضمون لکڻ لاءِعرض ڪيائين.راقم کيس عرض ڪيو ته ڀٽي صاحب تي مقامي زبان سنڌي ۾ مضمون لکيو اٿم.جيڪو ڪافي وڏو۽ تفصيلي مضمون آهي. جناب حميد الله خان جن مضمون موڪلي ڏيڻ تي اسرار ڪندورهيو. بالآخر کيس اهو مضمون رسالي لاءِ موڪلي ڏنم. ان کان علاوه مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن جا راقم الحروف ڏانهن لکيل خط جيڪي جي قريب آهن. اهي به هن نمبر ۾ شامل اشاعت آهن.
Flag Counter