Maktaba Wahhabi

674 - 924
(شهر) ڪوٽ ڪپوره مان خاندان سميت هجرت ڪري 1 اڪٽوبر 1947ع ۾ پاڪستان جي شهر قصور پهتا. اتان کان پوءِ فيصل آباد جي تحصيل جڙانوالا جي ويجهو چڪ نمبر 53 گ ب منصور پور ڊهيسيان آيا جڙانولا جي قرب جوار ۾ رياست فريد ڪوٽ جي مهاجرين جي ٻارنهن ڳوٺن کي اهو علائقو الاٽ ڪيو ويو هو. ۽ انهيءَ ڳوٺ ۾ انهن رهائش اختيار ڪئي . رياست فريد ڪوٽ ۾ هي خاندان انتهائي سکيو ستابو هو. ديني ۽ دنياوي لحاظ سان به مالا مال ۽ خوشحال هو. هن خاندان وٽ ڪيترن ئي ماڻهن وٽ پنهنجا ڪاربار، ٻني ٻارو ۽ ٽراسپورٽ جو ڪم ڪار هوندو هو. انهن جون پنهنجون ذاتي ٽرڪون ۽ بسون هونديون هنيون. هجرت پاڪستان جي وقت انهن اهو سڀ ڪجهه اتي ڇڏي ڪري پاڪستان هليا آيا. ۽ هتي اچي انهن جو تمام ڏکيو وقت گذريو . ڇو ته اهو دور ۽ وقت به اهڙو هو جو جيڪي خاندان هندوستان مان هجرت ڪري پاڪستان آيا هئا اهي سڀ ئي وڏي آزمائشن ، تڪليفن ۽ وڏي پيڙاهه ۾ گهيريل هئا. ڀٽي صاحب ۽ سندس خاندان وارن انهن گهڙين کي نهايت صبر ۽ استقامت سان سٺائون ۽ انهن مرحلن مان وڏي حوصلي ۽ همت سان گذريا ئون. (الاعتصام اشاعت خاص : بياد مولانا عطاء الله حنيف ص 182). جماعتي وابستگي ۽ مرڪزي جمعيت اهل حديث جو قيام. مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن پنهنجي خاندان سميت هندوستان مان هجرت ڪري پاڪستان اچي رهيو. جولاءِ 1948ع ۾ سندس زندگيءَ جي هڪ نئي دور جو آغاز ٿيو . انهيءَ دور ۾ کيس مرڪزي جمعيت اهل حديٽ پاڪستان سان وابستگيءَ جو شرف حاصل ٿيو.عظيم مرد مجاهد ۽ ليڊر مولانا سيد محمد داود غزنوي رحه جن(متوفي1963ع) جي زير قيادت ۽ تربيت ۾ جماعتي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو . ان دوران هزارن جي تعداد ۾ علماء ڪرام ۽ مشائخ عظام سان مِيل ملاقات ۽ نيازمندي جا انيڪ موقعا نصيب ٿيا. بلڪ اهو چوڻ بجا آهي ته مولانا محمد اسحاق ڀٽي مرحوم جن جو شمار مرڪزي جمعيت اهل حديث پاڪستان جي باني اراڪين مان هو. ته ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ، پاڻ لکن ٿا ته “ رات جو 12 بجه ڌاري آئون لاهور پهتس . ٻي ڏينهن مولانا عطاء الله جن مون کي مولانا داود غزنوي رحمه الله جي خدمت ۾ پيش ڪيو . جنهن مون کان چند ڳالهيون پڇيو ۽ اهو به پچيائين ته آزادي کان اڳ ۾
Flag Counter