Maktaba Wahhabi

675 - 924
پنجاب (هندوستان ) جي ڪهڙي علاقي سان تعلق هو. عرض ڪيم ته ڪوت ڪپوره رياست فريد ڪوٽ . ارشاد ٿيو ته ڪوٽ ڪپورهه جي انجمن اصلاح المسلمين جي ساليانه جلسن م جتي اسان جا ڪجهه مريد ۽ معتقدين به رهن ٿا. انهن جلسن ۾ آئون ۽ منهنجو چاچو حافظ محمدزکريا غزنوي رحه شرڪت ڪندا هئاسون. مون نهايت ادب سان عرض ڪيم ته ٻڌو اٿم ته توهان انهن جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تشريف آڻيندا رهندا هئا. پر اهو منهنجي هوش سنڀالڻ کان اڳ جون ڳالهيون آهن. سوال ڪيائين ته ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن اداري جا سيڪريٽري به رهيا آهيو ۽ ان جو ٿورو يا گهڻو تجربو به آهي.....؟ جواب عرض ڪيم ته جي هان ! آئون هڪ سال 1946ع کان 1947ع تائين انجمن اصلاح المسلمين جو ۽ ٻه سال رياست فريد ڪوٽ جي پر جا منڊل جو جنرل سيڪريٽري به رهيو آهيان . جڏهن پرجا منڊل جا لفظ مولانا صاحب جن ٻڌا ته پاڻ تعجب مان مون ڏانهن ڏسڻ لڳا ۽ فرمايائون ته پرجا منڊل جا سيڪريٽري......؟ عرض ڪيم جي هان !. پرجا منڊل پنجاب جي رياستن جي دراصل ڪانگريس جي مقابلي ۾ هڪ منظم سياسي تنظيم هئي. جنهن کان پوءِ مولانا صاحب مون کي ڪم ڪار متعلق سمجهاڻي ڏنائون ۽ گڏوگڏ ڪجهه نصيحتون به ڪيائون.۽ فرمايائون ته پروفيسر عبدالقيوم صاحب (متوفي 1989ع) جن مرڪزي جعميت اهل حديث جا ناظم اعليٰ آحن جن جي هدايتن مطابق توکي ڪم ڪرڻو آهي . مولانا عطاء الله حنيف سان گڏجي وڃي ان سان ملو، ملاقات وغيره ڪري ۽ ڪم ڪار جي نوعيت به سمجهي اچو . مون جوابا عرض ڪيم ته ٺيڪ آهي جناب! آئون ڪم ڪار جي نوعيت ۽ تفصيلات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندس. ان وقت منهنجي 90 روپيه تنخواهه مقرر ڪئي وئي. آئون مولانا عطاء الله حنيف صاحب سان گڏجي پروفيسر عبدالقيوم جن جي گهر آيس ان سان ملاقات ٿي ۽ تعارف ٿيو. ان طرح مونکي جمعيت جو ناظم دفتر مقرر ڪيو ويو. (نقوش عظمت رفته ص 19) . ان طرح مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن 8 ڊسمبر 1948ع کان مرڪزي جمعيت اهل حديث پاڪستان جا ناظم دفتر جي حيثيت سان ڪم جو آغاز ڪيائون. پاڻ پندرهن سال مولانا داود غزنوي رحمه الله جهڙي دانا و بيناء ،ذهين ۽ هوشيار عالم دين ۽ سياسي ليڊر جي وفات تائين خدمتون سر انجام ڏيندا رهيا . موصوف مولانا غزنوي سان گڏجي جماعت جي ترقي و تعمير ۽ ان جي تنظيم سازي لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪيائين. 1949ع م
Flag Counter